فيصل آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ عوام دوست ۽ واپار دوست هوندي جنهن ۾ ڪو به نئوزانہ_گیم/117258.html">ن ٽ??ڪس نه لڳايو ويندو ۽ بجيٽ جي حوالي سان ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، سمورا فيصال عوام جي مفاد ۾ ڪيا ويندا جڏهن ته وڌ کان وڌ پرڏيهي ناڻو پاڪستان آڻڻ لاءِ ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائل ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ هائوسنگ، صحت انصاف ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ ٻين فلاحي منصوبن لاءِ ڀرپور فنڊز مختص ڪيا ويندا. پاڪستازانہ_گیم/117258.html">ن ٽ??ڪسٽائيل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيسن جي هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا ??ان ڳالهين دوران هن چيو ته پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ جمع ڪيل ڊيم فنڊ جو پئسو موجود آهي جنهن کي ڊيمن جي تعمير تي ئي خرچ ڪيو ويندو ۽ ان جي هڪ هڪ روپئي جو آڊٽ ٿيندو انهي طرح زرعي جنسن جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ايرياز زوننگ ڪئي پئي وڃي جنهن تحت جتي جنس جي ضرورت هوندي ان جي پيداوار کي وڌايو ويندو، هن چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف جا طعنا ڏيندڙ ن ليگ خزاني ۾ صرف 9 ارب ڊالر ڇڏي وئي جڏهن ته پهرين سال ئ?? اسان کي 10 ارب ڊالر جو قرض جي قسط جي ادائيگي ڪرڻي ه??ي، ملڪ جو ڏيوالو نڪري پئي سگهيو پر هاڻي اسان مسلسل پاڻ ڀاڙڻ جي طرف وڃي رهيا ??هيون ۽ قرضن جو بار گهٽ کان گهٽ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائيل ۽ ايڪسپورٽ سيڪٽر جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته ملڪ ۾ صنعتي سرگرمين جي فروغ سان معاشي خوشحالي ايندي ۽ روزگار جا موقعا وڌندا.