اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سريلنڪا جي مشهور ٻڌ ڀڪشوئن جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي. وزيراع??م وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پ??ڪستان جي شاندار گنڌارا تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ??ڌه?? جي سڀ کان مقدس ماڳن کي سارسنڀال ڪرڻ تي فخر آهي، پاڪستان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي ماڳن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ بي مثال قدرتي حسن سان مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ آهن، وزيراع??م وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ??ڌه?? جي مقدس ماڳن جي حوالي سان هڪ ٽريل بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي مقدس ماڳن کي زيارت ڪري سگهندا، هن چيو ته ان ٽريل سان جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن سان سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ ??ائ??ين کي پنهنجي مقدس ماڳن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پاڪستان م ??ڌه?? جي مذهبي ماڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي ساراهيو، وفد چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن ۽ ??ائ??ين لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، وفد سريلنڪا سان پ??ڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.