اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ريڊيو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اي?? ٽي آر سي) هري پور جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀ??رو وينٽي ليٽر جي پيداواري سهولت جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، توانائي وارو وزير عمر ايوب خان، وزيراعظم جو ڪو??ڊ 19 بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.