اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پاڙيسري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڏٺو ويندو آ??ي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ جو خواهشمند آ??ي، پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستا?? خطي ج?? امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آ??ي، پاڪستا?? خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آ??ي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪ افغان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.