اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالح??يظ شيخ چيو آهي ته ن??ڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار کي تحفظ ۽ فروغ ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي تعاون سان سيڪيورٽرائيزيشن رجسٽري جي افتتاحي تقريب ۾ چئي. افتتاحي تقريب ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالح??يظ شيخ سميت عالمي بئنڪ، برطانيا ج?? عالمي ترقي واري اداري ڊي ايف آءِ ڊي، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ناڻي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.