اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪ??ر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ايران ۽ سعودي عرب جو دورو اختلافن جي پرامن ح?? ۽ ??ڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي محاذ تي پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جو واضح ??بوت آهي، هي دورو علائقائي امن ۽ استحڪام کي سگهه ڏيندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلمان امت ۽ خطي ۾ امن جي م??اد لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ اعزاز آهي، جنهن کي اسلامي ملڪ ۽ اولهه دنيا ساراهي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نيئن پاڪستان جو اهو روشن ڪردار آهي ۽ ان جي عالمي تشخص کي تبديل ڪري رهيو آهي.