اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪستان هنگري سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي سطح تي رابطن کي فروغ ڏي?? جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاسائي ڀارتي حڪومت جي هٿان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڪڏهن خاموش نه رهندو ۽ اسان کي ڪشميري ڀائرن جو ساٿ ڏي??و پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنگري لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد اعجاز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.