اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي ۽ محبت جي لا??وا?? رشتي ۾ جڙيل آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان جا پاڻ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اها ڳالهه هن ترڪي جي 98 هين سالگرهه جي موقعي تي ترڪ سفارتخاني ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪ ڀائرن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. پاڪ??تا?? ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستي ۽ محبت جو لا??وا?? رشتو سدائين قائم رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪي جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو، تقريب ۾ هوابازي و??رو وفاقي وزير غلام سرور خان، بحري معاملن و??رو وفاقي وزير علي حيدر زيدي به موجود هئا.