اسلام آباد – 12 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪامياب پاڪستان پروگ??ام تي اڳڀرائي کان آگ??هه ڪيو. ڪامياب پاڪستان پروگ??ام نه رڳو نوجوانن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي ??عب?? ۾ به نمايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگ??ام تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو پهريو اهڙو پروگ??ام آهي جيڪو ماڻهن کي روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.