اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ??ڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ??ديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي، نادر?? چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ??ڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ??ديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نادر?? چيئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نادرا اليڪشن ڪميشن جي صلاح??ت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نادرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نادرا جي ڪوششن کي به س??را??يو ويو.