اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماج تحفط ۽ غربت جي خات??ي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ڪريانه اسٽورن جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ٽارگيٽ سبسڊيز ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، احساس تحفظ پروگرام کي سگهه ڏني ويندي، موجوده بجيٽ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. سينيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بجيٽ ۾ حڪومتي ترجيحن جو تعين ڪيو ويو آ??ي، معاشي سرگرمين جو فروغ ۽ عوام جي مشڪلاتن جو ازالو حڪومت جي اولين ترجيح آ??ي، ان بجيٽ ۾ پگها??دا?? طبقي تي ڪو به تيڪس نه لڳايو ويو، مزدور جي گهٽ کان گهٽ پگهار 20 هزار روپ??ا مقرر ڪيو ويو آ??ي، 260 ارب روپيا احساس پروگرام لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، هن چ??و ته خصوصي اقتصادي زونز تي ٽيڪس ڇوٽ، سيلز ٽيڪس تي ڇوٽ، ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ گهٽتائي، ٽيلي ڪام ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ صنعتن جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏني وئي آ??ي، هن چ??و ته اليڪٽريڪل وهيڪل ۽ ننڍين گاڏين تي ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو آ??ي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو آ??ي، هن چ??و ته 2021ع ۾ احساس پروگرام لاءِ 209 ارب روپ??ا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 97 سيڪڙو خرچ ٿيا، هلندڙ سال اها رقم وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي. هن چ??و ته هن بجيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس ايمرجنسي ڪيش جي مد ۾ 12 هزار روپيا امداد ملندي، اهو مرحلو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.