اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي حوالي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي موقف ڏئي چڪا آهن، مخالف ڌر جلسن جلوسن بدران تعميري ۽ مثبت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ انهن جي موقف جي تضاد جي نشاندهي ڪر?? ٿو. مخالف ڌر حڪومت سان چونڊ سڌارن تي ڳا??هه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر ڪنفيوز، مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا ??کريل آهن. حڪومت بار بار مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچو ۽ پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳا??هه ڪريو. چوڌري فواد حسين چيو ته پي ڊي ايم ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاه?? ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي اندر ڳا??هه ٻو??هه جو بيان ڏ?? ٿو. هن چيو ته مولانا پنهنجي سياسي محرومي جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.