مدينه منوره – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ تي حاضري جي لاءِ مديني منوره پهچي ويو. مديني منوره پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال مديني منوره جي گورنر امير فيصل بن سلمان بن عبدالعزيز ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد ??حمد، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، سينيٽر فيصل جاويد ??ان ۽ صوبائي وزير عليم خان پڻ وزيراعظم سان گ?? آهن.