اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته 2021ع ۾ پاڪستانين کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏين??اس??ن ۽ ڪو پاڪستاني بکيو نه سمهندو، ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهين??اس??ن، صنعتن کي مراعتون ڏين??اس??ن، پاڪستانين کي غربت مان ڪڍڻ، صنعتن کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ چين جي تجربن مان ??هنمائي حاصل ڪن??اس??ن. هو هتي پاڪستان ۾ متعارف ٿيندڙ گاڏين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وزيراعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو ترقي جي اهميت کان ??گاهه آهي، اسان پاڪستان ??ي مستقبل جي لاءِ چين کان ??کي سگهون ٿا، ان ??ي تيز رفتار ترقي اسان ??ي لاءِ ماڊل آهي، جهڙي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، جهڙي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح سرمايو آندو ان ??و دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ پاڪستانين کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جو بنيادي هدف آهي. اسان صنعتي اقتصادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.