لاهور – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪور??نا سان ڏهاڙي فوتگيون 50 کان وڌي ويون آهن، هڪ قوم جي حيثيت ۾ احتياط نه ڪيو ويو ته ڪور??نا ڪيسز ۾ اضافي س??ن گڏوگڏ معيشت به متاثر ٿيندي، سماجي فاصلن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ئي ڪور??نا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن رمضان المبارڪ ۾ مسجدون بند نه ڪيون، عوام ۽ عالم سڳورن جهڙي طرح اڳ ۾ ڪور??نا وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سان پورو تعاون ڪيو، اڄ ٻيهر ان تعاون جي ضرورت آهي، ڪور??نا کان بچائيندي بچائيندي ماڻهن کي بک سان نه ٿا ماري سگهون، ان لاءِ ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نه ڪنداسين، ڪور??نا وبا دوران جلسن جلوسن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، مخالف ڌي جيترا مرضي جلسا ڪري اين آر او نه ملندو، معاشي لحاظ کان پاڪسدتان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، فيصل آباد ۾ فيڪٽريون تيزي سان هليون ۽ مزدورون جي کوٽ درپيش آهي، قرضن جي قسطن جي ادائيگي جي ڪري معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، قسطون نه ادا ڪرڻيون پون ته اسان جي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي، اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پنجاب ۾ قبضا گروپ جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، شگر مافيا ڳٺ جوڙ سان کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، راوي ريور منصوبي تحت 60 لک وڻ لڳايا ويندا، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سان دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت اميج اڀريو آهي، اسان ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت کي دنيا آڏو بي ??قا?? ڪيو، ڊو مور جو مطالبو ڪندڙ آمريڪا اڄ اسان کي ساراهي رهيو آهي، ترڪي، ايران، افغانستان، سعودي عرب ۽ يو اي اي سان تمام سٺا لاڳاپا ??هن، جيستائين اسرائيل فلسطين کي آزادي نه ٿو ڏي ان وقت تائين اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.