اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ايوان صدر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڊا??ٽر سهيل انجم نالي جعلساز جي ايوان صدر ۾ گريڊ 21 جي پوسٽ تي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايوان صدر ۾ گريڊ 21 ۾ پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ ڊا??ٽر سهيل ان??م جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايوان صدر ۾ ڊا??ٽر سهيل انجم نالي ڪنهن شخص جي مقرري ناهي ڪئي. ايوان صدر جو چوڻ ??هي ته ڊا??ٽر سهيل انجم ايوان صدر جي سيڪريٽري جنرل جي پرسنل سيڪريٽري جا ڪارڊز پڻ ڇپرائي رکيا آهن. ايوان صدر جو چوڻ ??هي ته ايوان صدر ۾ سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي، ايوان صدر ۾ آفيسرن جي مقرري شفافيت ۽ ديانتداري جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدر جو چوڻ ??هي ته جعلي نوٽيفڪيشن جي جاچ جي لاءِ معاملو ايف آءِ اي ڏ??نهن موڪليو ويو آهي.