اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، اهو منص??بو پاڪست??ن کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪ??و اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳو شروعات آهي. هن چيو ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي، اهو منص??بو پاڪست??ن کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي، پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي مح??ت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.