اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران پنه??جي ويجهي حصيدارن ۽ دوستن ??ان مضبوط رابطن جي پاليسي جاري رکي، پاڪستان چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ وسيع تر اسلامي دنيا ??ان پنه??جي روايتي حصيداري کي ??ضبوط ڪيو، اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ دوستي تي ٻڌل آهن ۽ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ ٻطرفن دورن جي مٽاسٽا جي روايت جي خصوصيت رکن ٿا. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال 2024ع پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ر??ايتي گرمجوشي ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو عڪاس رهيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ۾ چين جو سرڪاري دورو ڪيو جڏهن ته چين جي وزيراعظم لي ڪيان آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مئي 2024ع ۾ بيجنگ ۾ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جو پنجون اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ پڻ منعقد ڪيو، انهن اعليٰ سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي دوران ٻنهي ملڪن پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي ??ڌيڪ مضبوط ۽ وڌائڻ ۽ سي پيڪ تي خاص ڌيان ??ان گڏ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ عملي تعاون کي ??روغ ڏيڻ تي وسيع اتفاق راءِ طئي ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي مضبوط مٽاسٽا ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جا چار سرڪاري دورا ڪيا جنهن ??ان ا??ان جي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿي، سعودي عرب ??ان سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اهم مفاهمتون طئي ٿيون جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پئڪيج جي ڪمٽمينٽ کي تيز ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا به ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات ??ان ا??ان جي ٻطرفي مصروفيتن جو هڪ اهم مرڪز رهيا آهن. ترجمان چيو ته انهن ملڪن ??ان توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي.