اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو آهي ته شام ۾ ڦاٿل 245 پاڪستاني زائرين سميت 350 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني شهري شام ۽ لبنان جي سرحد عبور ڪري چڪا آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي دمشق ۾ پاڪستان جي سفارتخاني وطن واپسي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ڊ??ٽي هيڊ آف مشن عمر حيات پ??ڪستاني شهرين سان ??ڏ سرحد تي ويو. بيروت لبنان ۾ ڊ??ٽي هيڊ آف مشن نواب عادل لبنان ۾ انهن جو استقبال ڪيو.