اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکندو، عالمي برادري فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪاررو??ئي ڪري، غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪئي وڃي. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هي سال فلسطين جي تاريخ جو ان??ه??ئي ڪارو ترين سال رهيو آهي، تاريخ جا ڪڌا ترين ظلم ڪندي اسرائيل هيستائين 43000 معصوم فلسطيني مردن، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطيني عوام اسرائيل پاران حملن، منظم نسل ڪشيءَ ۽ تشدد جي مهم کي بهادري سان برداشت ڪري رهي آهي، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت ان??اني حقن ۽ عالمي قانونن جي واضح خل??ف ورزي آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران عالمي ان??اني حقن جي قانونن جي خل??ف ورزين جي ڪري غزه ۾ عالمي برادري پاران ان??اني امداد جون ڪوششون به بري طرح متاثر ٿيون آهن جنهن سان گهيري ۾ ورتل آبادي جي مصيبتن ۾ شدت آئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان پرزور مطالبو ڪري ٿو ته اها فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪاررو??ئي ڪري. هن چيو ته شهرين، اس??تا??ن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر تي حملن کي روڪيو وڃي، فلسطينين جي لاءِ موڪليا ويندڙ امدادي قافلن تي حملو ناقابل برداشت آهي، انهن سنگين جنگي ڏوهن ۽ ان??اني حقن جي بي رحم خل??ف ورزين جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي حوالي سان جيڪا ڇوٽ ڏني پئي وڃي، انهي بنياد تي اسرائيل غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ تباهي ڦهل??ئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ ان??اني امداد کي يقيني بڻائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿو. گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فلسطيني ريفيوجيز ان دي نيئر ايسٽ (انروا) کي فلسطيني پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فنڊنگ ۽ تحفظ جي حوالي سان عالمي برادري پاران سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان اسرائيل جي ان??وا جي اهم ڪم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکنداسين جنهن جو اظهار ان??اف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پڻ پنهنجي تازي مشاورتي راءِ ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو. وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني عوام پاران فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان امن، وقار ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ توهان جي جدوجهد ۾ توهان سان گڏ بيٺل رهنداسين.