اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گذ??يل ڏينهن احتجاج دوران شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چڪلاله، راولپنڊي ۾ پڙهي ويندڙ جنازي نماز ۾ وزيراعظم س??ن گڏ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سول ۽ ملٽري آفيسرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڪنهن فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ فساد ۽ انتشار جا اهڙا قدم مذمت جوڳا آهن. وزيرا??ظم چيو ته مون سميت پوري قوم احتجاج دوران پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڊيوٽي تي مقرر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پوري قوم احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.