اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي نشاندهي ڪندڙ ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کي 50 لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پ??هنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آه??، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.