اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر، مارڪيٽ ۽ انهن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زونز (ايس اي زيز) لاءِ جاين جي نشاندهي ۽ چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي لاءِ پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ ب??رڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چ??و ته چين سان جي ٽو جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي سڀني کان پهرين ماڊل صنعتي زونز لاءِ دستياب زمين جي مقدار جو تعين ڪي?? ويندو ۽ انهن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهولتن جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. هن وڌيڪ چ??و ته صنعتي زونز جي حوالي سان پاليسي جي تياري لاءِ هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪي?? وڃي، احسن اقبال صنعتي زونز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چ??و ته صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن واضح ڪي?? ته زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چ??و ته چيني ڪمپنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪي??ن وڃن ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چ??و ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.