گڏي?? قومون-08 نومبر (اي پي پي) گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي هٿيارن ۾ گهٽتائي بابت پاڪستان طرفان پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ آهي، اهي ٺهراءَ انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. اهي ٺهراءَ گذريل ڏينهن گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ عالمي سلامتي بابت فرسٽ ڪميٽي طرفان منظور ڪيون ويون، جن ۾ ٽن قراردادن کي ميمبر ملڪن طرفان ان باجود زبردست حمايت حاصل ٿي ته عالمي سطح تي ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ ۽ ان ۾ گهٽتائي جي حوالي سان چئلينجز سامهون آهن، اميد آهي ته انهن قراردادن جي مسودن کي توثيق لاءِ ايندڙ مهيني جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ٺهراءَ علائقائي سطح تي هٿيارن ۾ گهٽتائي، علائقائي ۽ ذيلي ع??ائقائي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽ??ول سان گڏوگڏ علائقائي ۽ ذيلي ع??ائقائي روشني ۾ اعتماد سازي جي قدمن (سي بي ايمز) بابت آهن. علائقائي هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي ۽ ذيلي ع??ائقائي جي روشني ۾ اعتماد سازي جي قدمن جي ع??وان سان قراردادون اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون. علائقائي ۽ ذيلي ع??ائقائي سطح تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽ??ول جي ع??وان سان قرارداد جي متن جي حق ۾ 179 ووٽ ۽ مخالفت ۾ صرف هڪ ووٽ پيو جيڪو ڀارت جو هو. ان کانسواءِ اسرائيل قراردادن تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. عالمي برادري طرفان قراردادن لاءِ زبردست حمايت هڪ ئي خطي يا ذيلي خطي ۾ واقع ??يا??تن جي دفاعي صلاحيتن ۾ روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول، تحمل ۽ توازن لاءِ پاڪستان جي وڪالت جي اعتراف جي عڪاسي ڪري ٿي. گڏي?? قومن جي س??ار??ڪارن، علائقائي هٿيارن ۾ گهٽتائي، روايتي هٿيارن تي ضابطو ۽ اعتماد سازي جي قدمن (سي بي ايمز) جي هدفن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته قراردادون عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ اعتماد سازي لاءِ علائقائي ۽ عالمي موقف جي اهميت ۽ تڪميل کي تسليم ڪريون ٿا. علائقائي ۽ ذيلي ع??ائقائي سطح تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽ??ول بابت قرارداد ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته ??يا??تن جي دفاعي صلاحيتن ۾ توازن برقرار رکڻ سان امن ۽ استحڪام مضبوط ٿئي ٿو. ان کان اڳ پاڪستان جي قرارداد جنهن جي ع??وان ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف ايٽمي هٿيار رکندڙ ??يا??تن کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر عالمي انتظامن جي تڪميل جي حق ۾ 117 ووٽ پيا، مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه پيو جڏهن ته 64 ميمبر ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. متن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف غير ايٽمي هٿيار رکندڙ ??يا??تن کي قانوني طور تي حفاظتي قدمن جي خاطري فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.