غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي ??وٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ??ري تباهه ٿيندڙ بستيءَ جي جڳهه نئين ماڊل وليج جي افتتاح ۽ متاثرين کي نئين تعمير ٿيل گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏيڻ واري تقريب کي خ??اب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو آگسٽ 2022ع ۾ هتي آيو هو جتي هر طرف ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا منظر هئا. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ برساتن پوري ڳوٺ کي زمين بوس ڪري ڇڏيو هو. اڄ هتي نئين بستي تعمير ڪئي وئي آهي. متاثر خاندانن کي انهن جي ??هرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏنا ويا آهن. وزيراعظم متاثرين جي بحالي، آبادڪار?? ۽ ??ئين سر تعمير تي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي شاباس ڏن?? ۽ ??دايت ڪئي ته نئين تعمير ٿيل گهرن کي سرديءَ جي موسم ۾ رهڻ جي قابل بڻائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ماڊل وليج جي معيار کي جانچڻ جي لاءِ ڪنهن ٽئين ڌر کان توثيق ڪرائڻ کانسواءِ ادائيگيون نه ڪيون وڃن ۽ اسڪول، ڊسپينسري ۽ راند جي ميدان سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڊسپينسري ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسر?? ۽ ??يم سميت سموريون ضروري سهولتون فوري فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻڌايو ته هن ٻوڏ متاثر ٻارڙي قنديل جي لاءِ 50 لک رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو فنڊ 67 لک تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم متاثرين کي انهن جي ??هرن جا الاٽمينٽ ليٽرز ورهايا. ان کان اڳ وزيراعظم بوبر ماڊل وليج جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي نئين تعمير ٿيل گهرن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ معيار بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو ماڊل وليج 110 ڪينال زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 62 گهر آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 216 ڪلوميٽر گلگت شندور رستو پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ان منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي ??لبر خان مشڪل ۽ آزمائش جي ??هڙيءَ ۾ گلگت بلتستان جي عوام جي مدد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.