اسلام آب??د – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي مُختلف مُلڪن جي سربراهن مُلاقاتُون ڪيُون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي تاج??ست??ن جي وزيراعظم ڪُهر رسول زاده سان ٻطرفي ملاقات ٿي، ان ملاقات ۾ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ايس سي او، سي ايڇ جي جي سالياني اجلاس ۾ تاج??ست??ن جي فعال ۽ تعميري شرڪت کي ساراهيندي چيو ته بطور ڀائر ملڪن ۽ علائقائي حصيدار، پا??ست??ن ۽ تاج??ست??ن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پائيدار رشتو آهي. وزيراعظم ??لندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي نتيجاخيز دوري جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ طرف اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاجڪ وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئر جي حيثيت سان پا??ست??ن پاران اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ وفد ۽ ٻين شريڪ وفدن جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي پا??ست??ن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف کي تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي ڪوهر رسول زاده چيو ته تاج??ست??ن ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تاج??ست??ن، پا??ست??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. تاجڪ وزيراعظم ??زيراعظم ??حمد شهباز شريف ۽ پا??ست??ن حڪومت جا تاج??ست??ن کي پا??ست??ن مان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيندو. جڏهن ته وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان بيلاروس جي وزيراعظم رومان گولوف چينڪو پُڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ بيلاروس جي شرڪت جي آجيان ڪندي بيلاروس کي ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ کي فروغ ڏيڻ ۾ بيلاروس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پا??ست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سال جولاءِ جي شروع ۾ آستانه ۾ صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اعليٰ سطح جي باقاعده ملاقاتن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي هڪ مثبت رفتار فراهم ڪئي آهي جنهن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏ0نو. گولوف چينڪو ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي پا??ست??ن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني. هن پا??ست??ن ۾ شاندار ميزباني تي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن يقين ڏياريو ته بيلاروس شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن، اصولن ۽ ترجيحن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ۽ پا??ست??ن جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي چيئر جي حيثيت سان پا??ست??ن سان ڀرپور تعاون ڪندو. گولوف چينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. جڏهن ته جمهوريه قزاخستان جي وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف سان ملاقات ۾ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ قزاخستان جي شرڪت جي آجيان ڪندي شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پا??ست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ??ن سال جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ قزاخستان جي تعاون ۽ ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ??طرفي حصيداري جي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم زراعت ۽ واپار جي گڏيل روڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. قزاخستان جي وزيراعظم ??ا??ست??ن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه جي طور تي پا??ست??ن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن علائقائي رابطن، واپار ۽ ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ قزاخستان جي بطور شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ ٻطرفي طور تي پا??ست??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قزاخستان پا??ست??ن کي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي واپاري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جڏهن قزاخستان جي وزيراعظم سان مُلاقات جي حوالي سان وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت، دفاع، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ سرڪاري وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هن قزاخستان جي صدر کي پا??ست??ن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پا??ست??ن ۽ قزاخستان جي لاڳاپن جي روشن مستقبل جي لاءِ پراعتماد آهيون. ان کانسواءِ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف پُڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ??طرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي خاص مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ترڪمانستان سان پا??ست??ن جي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڌرين پاران ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. راشد مريدوف شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پا??ست??ن کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪمانستان جي قيادت پاران وزيراعظم ??حمد شهباز شريف کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن پا??ست??ن ترڪمانستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ ويجها بڻائڻ جي لاءِ ترڪمانستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو. جڏهن ته وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موُجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڪرغزستان پاران پا??ست??ن جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پا??ست??ن ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. زاپاروف اڪيل بيڪ پا??ست??ن پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ گڏ ئي دوري تي آيل وفدن جي شاندار استقبال، بهترين انتظامن ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ڪرغزستان جي پا??ست??ن تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهبو. جڏهن ته وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات کي لاڀائتو قرار ڏنو، ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پا??ست??ن ترڪمانستان سان واپار، توانائي ۽ مواصلات سميت علائقائي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ان کانسواءِ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان جمهوريه ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پُڻ ملاقات ڪئي، وزيراعظم ايس سي او سي ايڇ جي جي 23هين اجلاس جي ڪاميابي ۾ تعاون تي ڪرغزستان جا ٿورا مڃيا. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.