اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کي پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ت?? پاڪستان جي ملائيشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اسان ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابر??هي?? جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابر??هي?? پنهنجو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ملائيشيا روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابر??هي?? ۽ سندس وفد کي نور خان ايئربيس تي الوداع ڪيو. ان موقعي ت?? ملائيشيا جي وزيراعظم کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جي تصويرن تي ٻڌل البم پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ملائيشيا جي وزيراعظم سان پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي ت?? اتفاق ٿيو. هن چي?? ته ملائيشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو مداح آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابر??هي?? جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ سٺن لفظن ۽ نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چي?? ته پاڪ ملائيشيا بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ تي مثبت اڳڀرائي ٿي، پاڪستان جي ملائيشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چي?? ته ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا ٿي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان سان ملائيشيا کي پراسيسڊ گوشت ۽ چانور جي برآمدات ۾ اضافي ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي ت??اري ۽ واپار ۾ اضافي ت?? پڻ اتفاق ٿيو. دوري دوران ملائيشيا جي وزيراعظم جي وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابر??هي?? پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ پ?? شرڪت ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم کي صدر پاران نشان پاڪستان پڻ نوازيو ويو.