اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري تي اهم بريڪ ٿرو ٿيو جنهن تحت اهم شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحيون ڪيون ويون. روس ۽ پاڪست??ن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل ڪاروباري سرگرميون ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار نجڪاري واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان گذريل ڏينهن روس ۾ پاڪ – روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ ايم او يو تي صحيحين واري تق??يب ۾ شرڪت ج?? موقعي تي ڪيو. هن چيو ته روس جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن کي ڳنڍڻ آهي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مفاهمت وارن يادداشت نامن تي صحيحيون سٺو سنئوڻ آهي. تق??يب کي خطاب ڪندي روس جي واپار بابت ڊپٽي و??ير اليڪسي گروز ديو چيو ته پاڪ – روس بزنس فورم ترقي جون نيون راهون هموار ڪندو. ايم او يو جي تق??يب ۾ روس ۾ پاڪستان جي سفير خالد جمالي، روس ۽ پاڪستان جي سينيٽر?? سميت ٻين اهم عهديدارن شرڪت ڪئي.