اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شيگيرو ايشيبا کي جاپان جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سوشل مي??يا جي پليٽ فارمايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شيگيرو ايشيبا کي جاپان جو وزيراعظم چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي تاريخي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏ??ي ٿو جن ۾ گذريل سالن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هو جاپان سان پنهنجي بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.