اسلام آباد- پهرين آ??ٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ماڻهن جي حقن، فل??ح ۽ ب??بود جي حوالي سان آ??اه?? فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ۾ بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄي دنيا ۾ اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين آ??ٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين آ??ٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فل??ح ۽ ب??بود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.