اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب ساڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو. وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان ??لاقات ڪندو. بيان ??وجب ٻئي ڌريون واپار، رابطن، توانائي، زراعت، حلال صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت مت??وع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳ??له?? ٻولهه ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪستان ??لائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.