اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيره غازي خان ۾ دهشتگر??ي جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سي ٽي ڊي پنجاب بروقت ڪامياب آپريشن ڪري فتنه ا??خو??رج جي ٻن دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير فتنه ا??خو??رج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سي ٽي ڊي پنجاب کي شاباس ڏني. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب انتهائي پروفيشنل انداز ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ذريعي ڊي جي خان ۾ دهشتگر??ي جي منصوبي کي ناڪام بڻايو . فتنه ا??خو??رج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سي ٽي ڊي پنج??ب جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب هميشه فتنه ا??خو??رج جي دهشتگردن جي منصوبن کي ناڪام بڻايو آهي. سي ٽي ڊي پنج??ب جي بهادر جو??نن تي فخر آهي ۽ اهو فورس اسان جو سرمايو آهي.