اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه ۾ جاري مختلف شعبن جي ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وفد ۾ قومي ا??يمبلي ميمبر سردار محمد ??وس?? ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبرن سيد قاسم علي شاهه ۽ سردار شاهجهان ??وس?? شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفد خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران ڀرپور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد ملڪ ۾ تازي معاشي ا??تحڪام تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل سمورن قدمن جي لاءِ ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪيو.