اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? رحيم يار خان ۾ پوليس قافلي تي ڪچي جي ڌاڙيلن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪچي جي علائقي ?? ڏوهاري ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا. صدر واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.