اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آ??ن، ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرم??نن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. و??ير??عظم، بجلي واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي، ٻين معاملن تي 4 صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سان رابطا ڪري بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبائي حڪومتون بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورتن موجب پوري ڪيو وڃي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي ۽ انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. و??ير??عظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان عدالتي نظام کي موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ، بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي ۽ پاور ڊويزن واري وزارت جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. و??ير??عظم کي پاور ڊويزن جي مختلف معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ايس او پيز ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي همت افزائي جي حوالي سان پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف اجلاس م شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز م گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرم??نن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. و??ير??عظم پاور ڊويزن واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽريءَ کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن تي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سان رابطا ڪرڻ ۽ بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم چيو ته صوبائي حڪومتن کي بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورت موجب پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. و??ير??عظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان ٻڌڻين جي نظام کي موثر ۽ لاڀائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، بجلي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.