اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صوبائي حڪومتن کي سياست ڪرڻ بدران بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي پنجاب حڪومت جي طريقيڪار تي عمل ڪر?? گهرجي، قومي فنانس ڪميشن تحت انهن کي منتقل ٿيندڙ کربين رپ??ن جو هڪ حصو عوام جي سهولت جي لاءِ ڪڍ?? گهرجي. وفاقي ڪابينا جي ا??لاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي ترقياتي بجيٽ مان 45 ارب رپيا بجلي جي انهن صارفين کي ٻن مهينن جي مدي لاءِ 14 رپيا في يونٽ ريليف ڏيڻ جي لاءِ خرچ ڪيا آهن جيڪي 200 کان 500 يونٽ بجلي ا??تعمال ڪري رهيا آهن، اهو عوام جو حق آهي، وفاقي حڪومت جو ان ريليف پئڪيج ۾ ڪو حصو نه ??هي، ٻين صوبن کي به ائين ڪر?? گهرجي، جيڪڏهن خيبرپختونخواهه حڪومت عوام کي اهڙو ريليف ڏيڻ چاهي ٿي ته اسان کي خوشي ٿيندي، سياست کان پاسو ۽ حقيقتن کي مسخ نه ڪر?? گهرجي. خيبرپختونخواهه حڪومت جي نمائندي پاران وفاقي حڪومت پاران ڪنهن امتيازي سلوڪ جو الزام هڻندڙ تنقيد کي رد ڪندي هن وضاحت ڪئي ته ان جو ان پئڪيج سان ڪو تعلق نه ??هي. هن ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته اين ايف سي جا اٽڪل 60 سيڪڙو فنڊز صوبن کي ڏنا ويا آهن، وفاقي حڪومت کي غيرملڪي امداد سان هلندڙ منصوبن تي قرضن ۽ وياج جي ا??ائيگي جي صورت ۾ بي پناهه چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 200 يونٽ تائين بجلي ا??تعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي ٽن مهينن جو ريليف ڏيڻ جي لاءِ 50 ارب رپيا پڻ رکيا آهن جيڪو ڪل گهريلو صارف??ن جو 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته بلوچستان حڪومت سان حصيداري ۾ صوبي ۾ 70 ارب رپ??ن جي لاڳت سان 28 هزار ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪيا ويندا جنهن مان 55 ارب رپيا وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ان سان 28000 آبادگارن کي فائدو پهچندو ۽ گڏوگڏ بجلي چوري جي مسئلي تي پڻ ضابطو آڻي سگهبو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان معيشت جي ا??تحڪام ۽ ملڪي واپار ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري قدمن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪرڻ کانپوءِ اهڙا سمورا قدم کڻندي، پي ٽي آءِ جي معاهدي جي خلاف ورزي جي ”غيرمعقول“ قدم ملڪ کي ڏيوالي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو هو. حڪومت جي معاشي پاليس??ن جي نتيجن تي روشني وجهندي وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي ٻڌايو ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ اڃا وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. هن 13.5 ٽريلين رپ??ن جي روينيو هدف کي پورو ڪرڻ ۽ پاور سيڪٽر جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ڪابينا جو ڌيان ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ شديد برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوتگين ۽ تباهي طرف ڇڪرايو ۽ صوبن ۽ پي ڊي ايم اي جي تعاون سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ڪوششن کي ساراهيو. ڪابينا برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري مختلف واقعن ۾ فوت ٿيندڙن ۽ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ پنهنجي جان??ن جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جي لاءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي.