اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ شهرين کي عالمي معيار جون تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙن تي سڀ کان وڏي ماحول دوست چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. مجموعي طور تي 5 ه??ار جانور، پکي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ۾ رکيا ويندا. گهرو وزير جي صد??رت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ ا??لا?? منعقد ٿيو جنهن ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي چيئرم??ن محمد علي رنڌاوا چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ واري پراجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهر??ن مرحلي ۾ 2 ه??ار جانور ۽ پکي رکيا ويندا. گهرو وزير محسن نقوي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جي ورلڊ ايسوسيئيشن آف زو اينڊ ايڪوريم کان رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ منصوبي سان سلهاڙيل معاملا جلد طئي ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آڪٽوبر ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جو بنياد رکيو ويندو. چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ سان اسلام آباد جي سياحت ۾ اضافو ٿيندو.