سرينگر-04 آگسٽ (اي پي پي) وا??ار??ل ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (اڄ) 5 آگسٽ تي ”يوم استحصال ڪشمير“ طور ملهائيندا، ته جيئن 2019ع ۾ ان ڏينهن بي جي پي پاران هندو پرست حڪومت جي کنيل غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب بي جي پي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ع??لم?? قانون جي کليل نموني ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪندي علائقي کي فوجي ڪڙو چاڙهيو هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ شبير احمد شاهه ڪشميري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 5 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائين ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڪشميري ڀارت جي ظالماڻن قدمن ۽ ع??لم?? قانون جي ڀڃڪڙي کي تسليم نه ٿا ڪن. حريت اڳواڻن جيل مان پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع وا??ار??ل ڄمون ڪشمير جي لاءِ ڪارن ڏهاڙن منجهان هڪ آهي. هنن چيو ته 5 سالن جي لاڳيتو فوجي ۽ پوليس ڪڙي، ظلم ۽ ڏاڍ توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سڄي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن کي ڀارت جي هندو پرست حڪومت هڪ ٽارچر سيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.