اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ شيخ عبدالمتين چيو آهي، ته 5 آگسٽ کي پاڪ??تا?? ۾ حڪ??متي سطح تي يوم استحصال طور ملهائڻ ۽ ڪشمي??ين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو آهي، هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال ڏانهن ڇڪائڻ آهي. يوم استحصال جي موقعي تي اي پي پي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪ??تا?? طرفان يوم استحصال ملهائڻ ۽ ڪشمي??ين سان ڀرپور طريقي سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان حڪ??مت ۽ پاڪ??تا??ي عوام جو شڪريو ادا ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪ??تا?? طرفان يوم استحصال ملهائڻ جو پيغام اهو آهي ته ڪشمي??ين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي ۽ ڪشميري خوداراديت واري حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ اڪيلا ناهن، پوري پاڪ??تا??ي قوم ڪشمي??ين سان گڏ آهي. شيخ عبدالمتين چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪلز 35 (اي) ۽ 370 کي ختم ڪيو، ڪشميري خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ڀارت طرفان انهن آرٽيڪلز کي ختم ڪرڻ پٺيان جيڪي ناڪام ارادا آهن انهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڊيمو گرافي کي تبديل ڪرڻ آهي. انهي لاءِ ڀارت غير رياستي رهواسين کي لکين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ غير رياستي رهواسين کي والاريل علائقي ۾ آباد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشمي??ين کي انهن جي ملڪيتن مان به بيدخل ڪيو پيو وڃي. حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ چيو ته اسان 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، ڪشمي??ين جو آواز خوداراديت واري حق جو آواز آهي، جنهن لاءِ ڪشميري لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن سڄي دنيا کي اپيل ڪئي ته هو ڀارت ??ي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ??ائمالين کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. شيخ عبدالمتين چيو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين ??سرت عالم بٽ سميت وڏي تعداد ۾ ڪشميري اڳواڻ ۽ بيگناهه شهري جيلن ۾ قيد آهن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير بابت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جون ٻه رپورٽون 2018 ۽ 2019ع ۾ شايع ٿيون هيون جن ۾ چيو ويو هو ته والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جون پائماليون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪشمي??ين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي. ڪشمير بابت گڏيل قومن جا ٺهراءَ موجود آهن، ان لاءِ ڪشمي??ين جو اهو حق آهي ته هو پنهنجي جدوجهد جاري رکن. حريت اڳواڻ چيو ته ڀارت ڪشمي??ين جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جو تمام گهڻو استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي 10 لک کان وڌيڪ فوجي قابض آهن جن کي ڪاري قانون تحت کُلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هو ڪنهن کي به قتل ۽ نقصان پهچائي سگهن ٿا پر هو ڪنهن عدالت ۾ جوابده ناهن، ان ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڪشميري لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. شيخ عبدالمتين چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشمي??ين کي خوداراديت وارو حق ملندو، ڀارت کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري پنهنجي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندا.