اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن تهران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم تهران جي دوري دوران ايران جي نئين صدر کي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران عهدو سنڀالڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ترجمان چيو ته محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي م??ارڪباد ڏني. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي ??ما??ت ۽ يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ڊاڪٽر پيز شڪيان ??بارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان ايران پاڪستان سان سٺي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.