اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي معاملن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ڊيوڊ ليمي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ن??ئب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي برطانوي پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ن??ئب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته برطانيا ۾ نئين حڪومت پاڪست??ن ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنهي وزيرن پاڪست??ن ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانوي پاڪستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ن??ئب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ڏس سميت برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي پاڪستان جي اهميت تي زور ڏنو. ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. برطانيا جي پرڏيهي وزير پنهنجي مدي دوران پاڪستان جي لاءِ برطانيا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.