اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي، ته ملڪ ۾ عدم استح??ام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ??رڻ گهرجي. حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي باري ۾ هلايل منظم مهم جي ٽوڙ ??رڻ لاءِ ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏني وڃي. اهڙو ??ظه??ر هن سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي ليڊر ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ مجموعي ملڪي صورتحال، عوام کي درپيش مسئلن ۽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن بابت هلايل مهم جو ٽوڙ ??رڻ ۽ ماڻهن کي حقيقتن کان آگاهه ??رڻ لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ مسلم ليگ (ن) کي به ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عدم استح??ام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ??رڻ گهرجي. وزيراعظم سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته سينيٽ کي جمهوري قدرن ۽ باوقار ماحول لاءِ چونڊيل ايوانن جي رهنمائي ??رڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر عرفان صديقي کي پرڏيهي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان جي اڳواڻي ۾ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت، پرامن ۽ تعميري تشخص اڀارڻ تي خاص ڌيان ڏيندي.