اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع ۾ حڪومت طرفان سخت مالي??تي نظم ۽ ضبط باوجود حڪومتي خرچن تي دٻاءُ برقرار رهيو. حڪومتي خرچن تي دٻاءُ جو بنيادي سبب قرضن تي وياج جي ادا??يگ??ن ۾ بي پناهه اضافو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران مالي??تي خسارو 3.7 سيڪڙو رهيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ڪل حڪومتي خرچن ۾ 36.6 سيڪڙو جو اضافو ??يو ۽ اهو وڌي 13682.8 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي دوران اٽڪل 10 هزار ارب روپيا هو. حڪومت جي جاري خرچن ۾ 33.4 سيڪڙو جو اضافو ??يو ۽ اهو وڌي 12333.3 ارب روپين تي پهچي ويو. ڪل ترقي??تي خرچن ۾ 14.2 سيڪڙو جو اضافو ??يو جيڪو وڌي 1158.1 ارب روپين تي پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1014 ارب روپيا هو ۽ عوام مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي محصول ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو ??يو ۽ اهو وڌي 7980.4 ارب روپين تي پهچي ويو، ٽيڪس محصولن ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ??يو ۽ اهو وڌي 7262.5 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان نج عارضي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ 30.8 سيڪڙو جو اضافو ??يو. جيڪو وڌي 8125.7 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران چئني صوبن طرفان 435.5 ارب روپي?? جو گڏيل سرپلس ڏنو ويو.