تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حا??ثي ۾ شهيد ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ ا??لا??ي جمهوريه ايران پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ا??لا??ي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگ?? ڪيو. وزيراعظم صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پن??نجي ملڪ ۽ پن??نجي ماڻهن جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ ا??لا??ي جمهوريه ايران جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظها?? ڪيو. هن ا??لا??ي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.