اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي ۽ موجوده حڪومت پنهنجي توانائي جي ضرورتن ۽ عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ بهترين قومي مفادن ۾ فيصلا ڪندي، پاڪستان خطي ۾ استحڪام ۽ امن جو خواهشمند آهي ۽ هو پاڙيسري ملڪ افغانستان س??يت سمورن ملڪن ??ان س??ن دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين جي حوالي سان پڇيل سوال تي چيو ته حڪومت قومي مفادن ۾ فيصلا ڪندي ۽ پنهنجي عالمي ذميوارين ۾ مداخل?? جي اجازت نه ڏيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايراني صدر جي پاڪستان جي تازي دوري کي انتهائي نتياخيز قرار ڏنو. هن چيو ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن س??مان جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، ان کان اڳ ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ شروعاتي ۽ بزنس ٽو بزنس ميٽنگز ٿيون آهن. اسحاق ڊار چيو ته نجي شعبي جي ڪمپنين تي ٻڌل سعودي وفد پاڪستان جي تازي دوري ۾ پنهنجي هم منصبن سان پنهنجي ملاقاتن ئي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏنو آهي ۽ هو ان س??سلي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت اقتصادي شعبي ۾ اهڙي طرح جي عمل کي آسان بڻائيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ استحڪام ۽ امن ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان س??يت سمورن ملڪن ??ان س??ي دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته رپورٽس تصديق ڪئي آهي ته چيني شهرين تي حملي سميت تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ ماسٽر مائنڊنگ ۽ منصوبابندي افغان سرزمين تان ٿي. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ورلڊ اڪنامڪ فورم ۽ گيمبيا ۾ او آءِ سي جي 15 هين سربراهي اجلاس م پنهنجي شرڪت بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان غزه ۾ جنگبندي، اسلامو فوبيا، ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ مسلمان امت کي درپيش اهم مس??لن بابت اجلاس ۾ فعال ۽ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته او آءِ سي جي سربراهي اجلاس ۾ فلسطينين جي خلاف جاري اسرائيلي وحشياڻي ۽ طاق?? جي انڌاڌنڌ استعمال جي مذم?? جي حوالي سان پاڪستان جي موقف، فوري جنگبندي ۽ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان کانسواءِ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ ٻه رياستي حل جي او آءِ سي جي سمورن ميمبرن ڀرپور حمايت ڪئي. هن چيو ته اهي مس??لا او آءِ سي سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ شامل ڪيا ويا. اسلامو فوبيا بابت محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ان ضرورت تي زور ڏنو ته او آءِ سي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ڦهلائي ويندڙ توهين آميز مواد تي ٺوس موقف سان ان عالمي مس??لي جي لاءِ موثر انداز اختيار ڪري جنهن جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن ??ي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي مقرري هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هن سربراهي اجلاس کي ٻڌايو ته غزه ۾ نسل ڪشيءَ جهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ واقعن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته انهن جو ڌيان ”اقتصادي سفارتڪاري“ تي مرڪوز آهي، آفريقا ۾ پاڪستاني برآمد ڪندڙن جي لاءِ زبردست موقعا موجود آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي سربراهه جي حيثيت سان ڪڻ?? جي درآمد ۾ پنهنجي ڪردار بابت ڪجهه سياسي اڳواڻن جي دعوائن کي رد ڪندي واضح طور تي چيو ته هن 9 آگسٽ 2023ع تائين ان حوالي سان ڪا سمري منظور نه ڪئي. هن پنهنجي حڪوم?? جي اڳوڻي دور ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي ناڪاره هجڻ جي مفروضي کي پڻ رد ڪري ڇڏيو.