اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفي??ر ڊاڪٽر طار?? محمو?? خان سان پاڪستان ايڊورٽائيزنگ ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. پي آءِ ڊي ??اران جاري پڌرائي موجب وفد ۾ پاڪستان ايڊورٽائيزنگ ايسوسيئيشن جو صدر جواد همايون، ايگزيڪيوٽو ميمبر نديم اڪبر، طار?? محمود، شبير ملڪ، خادم حسين ۽ احمد علي شامل هئا. وفد ڪلاسيفائيڊ ايڊورٽائزمنٽ تي عملدرآمد تي پي آءِ او جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ واجب الادا ادائيگين جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پي آءِ او وفد کي ادائگين جا معاملا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد پي آءِ او ڊاڪٽر طار?? محمو?? خان کي باضابطا ”ليٽر آف ٿينڪس“ پڻ پيش ڪيو.