اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عو??م پنهنجي خودمختياري جي حق تي ڪو ٺاهه نه ڪن??ي، پاڪستان جي عو??م ڪالهه به ڪشميري عو??م سان گ?? بيٺل هو، ا?? به بيٺل آهي. اها ڳالهه هن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪن??ي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير پراڻو مسئلو آهي، ڪشمير جي ماڻهن 1931ع ۾ پنهنجي غلامي جي خلاف آواز بلند ڪيو هو، پاڪستان قائم ٿيڻ وقت به ڪشميري قيادت خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته ڀارت جبري الحاق ڪري ڪشمير کي پاڻ سان گ?? شامل ڪيو، ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف ڪشميرين جي چوٿين نس?? به ڄمي بيٺل آهي، ڪشميرين جي هر نسل پنهنجي بهادري جو هڪ نئون داستان لکيو آهي. هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڀارت ڪشمير کي قبرستان بڻائي ڇڏي ۽ سمجهي ته امن ٿي ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جا ماڻهو مسلسل پنهنجي حق جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪشميري عو??م ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گ?? بيٺل آهي، ڪشميري عو??م پنهنجي خودمختياري جي حق ۽ آزادي تي ڪو ٺاهه نه ڪن??اسين. هن چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ عو??م ڪالهه به ڪشميرين سان گ?? بيٺل هئي ۽ ا?? به بيٺل آهي ۽ جيستائين انهن کي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي ان وقت تائين بيٺل رهندي. ان کان اڳ ريلي جي شروعات پرڏيهي آفيس کان ٿي جيڪا ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي. ريلي جي قيادت ثقافت واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه ڪئي جڏهن ته مذهبي معاملن وارو نگران وفاقي وزير انيق احمد، نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ۽ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي به ريلي ۾ شريڪ ٿيا. ريلي ۾ مختلف وزارتن جي ملازمن، پاڪستان سوئيٽ هومز جي ٻارن سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪن??ڙن والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي پائمالين ۽ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف بينرز ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا جڏهن ته شرڪت ڪن??ڙن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪن??ڙن ”ڪشمير ٺهندو پاڪستان“ جا ??عر?? هنيا. پارليامينٽ هائوس آڏو ڊي چوڪ پهچڻ تي سائرن وڄايا ويا ۽ والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ريلي جي شرڪت ڪن??ڙن هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.