اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي ۽ نگران وفاقي گهرو و??ير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي ڊ??ڪٽر گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن 8 فيبروري جي عام چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظ??من کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير چيو ته چونڊون پر??من ۽ شفاف طريقي سان منعقد ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي، سيڪيورٽي انتظ??من کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ مڪمل تعاون آهي. ملاقات ۾ چونڊن دوران ميڊيا جي ذميوارين بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير چيو ته چونڊن کي شفاف منصفاڻ?? بڻائڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا چونڊ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي اشتعال انگيزي ۽ پروپئگنڊه کان پاسو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وفاقي گهرو و??ير چيو ته سموريون سياسي پارٽيون چونڊن ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته چونڊن دوران ??من امان هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريديو پاڪستان سعيد احمد شيخ پڻ موجود هئا.