اسلام آباد – 18 – ??نو??ي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامت?? ۽ ??لائقائي سالميت تي ٺاهه نه ڪندو، پ??هنجي سرزمين جي دفاع لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ پاڪستان جي ڪارروائي تي پنهنجي بيان ۾ صدر ايراني شهرين کي جاني نقصان کان بچائيندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آه??، ان جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني رياستن جي خودمختيار?? ۽ ??لائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکي ٿو ته اهي عالمي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ملڪ آهن، مسئلن کي ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.