اسلام آباد ?? 06 ??? نومبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري شهداءِ ڄمون کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪن ٿا، ڄمون جي مسلمانن جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي ۽ انهن تي ڪيل بدترين ظلمن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. شهداءِ ڄمون ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو ته ڄمون ۾ سيپٽمبر کان 6 نومبر 1947ع تائين اٽڪل اڍائي لک م??لمانن جو قت?? عام ٿيو، 25 هزار کان وڌيڪ ع??رتن کي اغوا ڪيو ويو ۽ لکين ڪشميرين پاڪستان طرف هجرت ڪئي، مسلمانن جو اهو قت?? عام هڪ جامع ۽ منظن منصوابندي تحت ٿيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي قت?? عام ۾ پٽيالا فوسز، آر ايس ايس ۽ ٻيا انتهاپسند جٿا ملوث هئا، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ وحشيت جو مظاهرو ڪيو ويو، اڄ انهن پناهگيرن جو نسل هتي زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور نمائندگي ڪري رهيو آهي، شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل جي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين.